تو کان ٿيندي ڌار

تو کان ٿيندي ڌار

تو کان ٿيندي ڌار

تو کان ٿيندي ڌار (ڪتاب): هي ڪتاب ظهير الدين خادم شاهاڻيءَ جو مرتب ڪيل آهي، جيڪو الحاج غلام نبي خان شاهاڻيءَ جي شخصيت ۽ ڪردار بابت لکيل مضمونن تي مشتمل آهي. الحاج غلام نبي شاهاڻي ضلعي لاڙڪاڻي جو عالم ۽ سماجي ورڪر ٿي گذريو آهي. هن ڪتاب ۾ سندس باري ۾ ڪل 38 تاثر شامل آهن.
جيڪي سنڌ جي اديبن ۽ ڏاهن شاهاڻي صاحب جي شخصيت متعلق لکيا آهن. هن ڪتاب جو مهاڳ اختر درگاهيءَ لکيو آهي. ڊيمي سائيز، ڪچي جلد واري هن ڪتاب ۾ 84 صفحا آهن ۽ قيمت 100 رپيا لکيل آهي. هي ڪتاب شاهه بهارو ميموريل ڪاميٽي نئين ديري پاران 2008ع ۾ شايع ٿيو. ڪتاب جو نالو اياز گل جي مشهور وائي ”تو کان ٿيندي ڌارتان ورتو ويو آهي.


لفظ تو کان ٿيندي ڌارھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو